پانڌي ۽ پروڙ

پانڌي ۽ پروڙ

پانڌي ۽ پروڙ

پانڌي ۽ پروڙ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ليکڪ ادريس عاجز عباسي جو لکيل آهي، جيڪو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل سندس ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ ڪجهه شاعرن جي شخصيت ۽ ڪجهه شاعرن جي شاعري جو اڀياس ڪيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي ماهراڻا تنقيدي رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اڳوڻي ڊائريڪٽر الطاف اثيم لکيو آهي. ڪتاب بابت ٻه اکر الله آءِ سومرو'>حزب الله آءِ سومرو لکيا آهن، ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل پي.ٽي.وي ڪراچيءَ جي ڊائريڪٽر غلام مصطفى سولنگيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل ۾ ڪچي جلد سان هيءُ ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچي پاران جولاءِ 2014ع ۾ ڇپيو. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 90 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو